صابو راهو شهر

صابو راهو شهر

صابو راهو شهر

صابو راهو (شهر): هيءُ شهر ضلعي شهيد بينظيرآباد، تعلقي سڪرنڊ ۾ نيشنل هاءِ وي سڪرنڊ کان حيدرآباد ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. روايت موجب هن شهر جو نالو هڪ ديوان ‘صابو راءِ’ جي نالي پويان پيو. هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واڻين جو وڏو ڪاروبار هوندو هو ۽ واپاري تمام گهڻا هوندا هئا. هي زرعي لحاظ کان سرسبز ۽ شاداب علائقو آهي. هتي ڪيلي جو واپار تمام گهڻو ٿئي۔ ان سان گڏوگڏ پوک جي لحاظ کان ڪمند، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري، سرنهن، وونئڻن جو فصل به سٺو ٿئي ٿو. هتي مختلف ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾: سنجراڻي، چانڊيا، راهو، ميربحر،لاکا، خانزادا، بنگلاڻي، مڱڻهار، ڏيٿا، ڪيريا، حاجاڻا، جلباڻي، ماڙي، جلالاڻي، لانگاهه ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هن شهر ۾ هڪ هاءِ اسڪول، مڊل گرلس اسڪول، جانورن جي اسپتال، چار پرائمري اسڪول ۽ هڪ پوسٽ آفيس به موجود آهي. هن شهر جي ڀر ۾ هڪ وڏو قبرستان به آهي، جيڪو پير علي شاهه مراد جي نالي سان مشهور آهي. هتي جي مشهور سگهڙن ۽ شاعرن ۾: پير بخش حاجاڻو، دلدار سنجراڻي، محمد آچر بنگلاڻي ساجد راهو قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو